لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سس جي مبينا آڊيو ليڪ تي رد عمل ڏيندي مريم نواز چيو ته جتي فيصلا آئين ۽ قانون نه پر زالن ۽ سسن جي پسند نا پسند تي ٿي رهيا هجن، اتي فتنو ۽ ڏڦيڙ هوندو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته جتي فيصلا آئين ۽ قانون نه پر زالن ۽ سسن جي پسند ناپسند تي ٿي رهيا هجن اتي ترقي رڳو خواب رهندي، پهريان به چيو هو ته چيف جسٽس صاحب، هي پاڪستان جي عدليه آهي، جواءِ لينڊ ناهي.