اسلام آباد (بيورورپورٽ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پهريون سربراهه آهي جنهن جي بيان جي ترديد سندس پنهنجي پارٽي جو آفيشل اڪائونٽ ڪري رهيو آهي، ان جو مطلب ته جيڪو عمران خان چيو آهي اهو عمران خان ناهي چيو. سس جي ڊپ، ٻارن ۽ زالن جي مشوري تي عمران خان جي حق ۾ فيصلا ٿيڻ نه ڏينداسين، هاڻي چونڊون باجوا ۽ سس جي چوڻ تي نه پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي جماعت جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي لکيو ويو آهي ته ” جيڪو عمران چيو اهو  عمران ناهي چيو“ .مريم اورنگزيب چيو ته عوام جي ذهنن سان وڌيڪ نه کيڏو، قوم جي منهن تي ڪوڙ نه ڳالهايو، اوهان سماج، اخلاق، سياست، معيشت تباهه برباد ڪري ڇڏي. هن چيو ته عمران خان عوام جي ذهن ۽ دلين ۾ نفرت ڀري ڇڏي، سياست کي خراب ۽ مُلڪ کي مفلوج بڻائي ڇڏيو. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان عدليا کي گاريون ڏنيون، ڌمڪين ذريعي ضمانت جو رليف پئڪيج ورتو، پر هاڻي سس جي ڊپ، ٻارن ۽ زالن جي مشوري تي تنهنجي حق ۾ فيصلو نه ٿيڻ ڏينداسين، آئين سان هٿ چراند ڪرڻ وارن کي نه قوم معاف ڪندي نه اسان ڇڏينداسين، هاڻي چونڊون باجوا ۽ سس  جي چوڻ تي نه پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. سڌ سماءُ واري وزير عمران خان کان سوال ڪيو ته توهان باجوا جي چوڻ تي اسيمبليون ڇو ٽوڙيون؟،  اقتدار لاءِ  پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي عوام جي توهين ۽ نمائندن جي بي عزتي ڪئي ۽ چونڊيل اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.