ڍاڪا (م ڊ) محمد شهاب الدين بنگلاديش جو نئون صدر ٿي ويو آهي، جنهن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. محمد شهاب الدين بنگلاديش جو 22هون صدر آهي، جيڪو فيبروري ۾ بنا مقابلي صدر چونڊجي آيوهو.  حڪمران پارٽي عوامي ليگ جو سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو جج 73 ورهين جو محمد شهاب الدين تاريخي درٻار حال ۾ حلف کڻڻ لاءِ آيو. شاگردي واري زماني کان عوامي ليگ سان واڳيل شهاب الدين اڳوڻي صدر عبدالمجيد جي جاءِ سناليندو، جنهن جو مدو هلندڙ هفتي ختم ٿي رهيو آهي. عوامي ليگ جو سينئر اڳواڻ شهاب الدين وزيراعظم جي وفادارن مان آهي