پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته آڊيو ليڪ سان خبر پوي ٿي ته سس کي “مدر ان لا” ڇو چيو ويندو آهي. مبينا طور اهو به ثابت ٿي رهيو اهي ته ملڪ ۾ رول آف لا ناهي پر مدر ان لا جو رول آهي. سوال اهو آهي ته ريڊ لائين لا آهي يا مدر ان لا؟  لڳي ٿو لا، سن ان لا، ۽  مدر ان لا وٽ يرغمال ٿيل آهي. پنهنجي بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته عمران خان! جڏهن تو اسيمبليون باجوا جي حڪم تي ٽوڙيون ته اليڪشن جي تاريخ به جنرل باجوا کان ئي وٺي ڇڏين ها؟ جيڪو شخص اڻ چونڊيل ماڻهو جي چوڻ تي اسيمبليو ٽوڙي ڇا هو عمل آئيني ٿي سگهي ٿو؟ڇا ان جو اعتراف جسٽس اطهرمن الله جي ڳالهه جي تصديق ناهي ته عدالت پهرين جائز وٺي ته اسيمبليون آئيني طور ٽٽيون آهن؟ هن چيو ته آئين ۾ ڪٿي به سن ان لا، مادر ان لا جو ذڪر ناهي.