ڪراچي (م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سس ماه جبين نون جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب آڊيو ليڪ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سس ماه جبين نون ۽ وڪيل خواجا طارق رحيم جي زال ڳالهائي رهيون آهن. ليڪ ٿيل مبينا آڊيو ۾ ماه جبين نون چوي ٿي ته رات کان عمر لاءِ پڙهي پڙهي، مان ٻڌائي نٿي سگهان، دعائون گهري رهي آهيان. رافعه طارق چوي ٿي، يار ماڻهن کي به چيو آهي ۽ عمر کي هڪ ميسيج موڪليو مون، تون لاهور جي جلسي ۾ اتي موجود هئين، اتي لکين ماڻهو هئا، اهڙي ريت هر شهر ۾ لکين ماڻهو آهن، ۽ تون رڳو اهو اندازو لڳاءِ ته تنهنجي لاءِ ڪيتري دنيا دعا ڪري رهي آهي هن وقت، جنهن سان تنهنجي همت ۽ تنهنجي سيفٽي. چيف جسٽس جي سس ماه جبين چوي ٿي، الله هنن کي ڪمزور ڪري ۽ انهن کي همت ڏئي. رافعه طارق چيو، رات مان ٻنهي کي، هن کي ۽ منيب کي گڊ موڪليو ته ٻنهي خبر اٿئي ڇا موڪليو مون کي؟ هو شڪل ناهي هوندي، ڏندن ۾ اوهان دٻائيندا آهيو پنهنجي زبان ۾، مون کي چئي رهيا هئا ته، بي ڪيئرفل، واءِ شڊ آءِ بي ڪيئرفل؟ واءِ؟ ماه جبين چيو، جلد کان جلد چونڊون ٿين هاڻي، جنهن تي رافعه طارق چيو، اليڪشن، ڏس نه، جيڪڏهن نه ٿيون نه ته پوءِ اهو سمجهي وٺ ته پوءِ مارشل لا لڳندو، هي رهي نٿا سگهن نه، بس ڳالهه ختم. ماه جبين چيو، مارشل لا به هو هو نڀاڳو لڳائڻ لاءِ تيار ناهي نه، رافعه طارق چيو، بلڪل تيار آهي.