اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سس جي مبينا آڊيو ظاهر ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ميمز ۽ ٽوٽڪن جو طوفان برپا ٿي ويو آهي. ميمز ۽ ٽوٽڪن جي ڪري “مڌر ان لا” ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ۽ گھريلو معاملن کان پوءِ سياسي معاملن ۾ به سس جي مداخلت تي بحث شروع ٿي ويو. ڪنهن چيو ته ڪو رول آف لا ناهي، بس رڳو مڌر ان لا. ڪنهن وري اهو به چيو ته سس اسان جي ريڊ لائين آهي. ته ڪنهن چيو مڌر ان لا بڻجي ويندي لا. هڪ همراهه ٽرڪ پويان لکيل جملي کي موقعي جي نسبت سان نئون رنگ ڏيندي لکيوته “ هي منهنجي سس جي دعا آهي”. ٻئي همراهه ساهرن جو چڪر لازمي قرار ڏيندي لکيو ته “ساهراڻو گھر بس هڪ ڪلوميٽر پري”.