نوابشاهه/سڪرنڊ (رپورٽ: اياز ڏاهري+نياز چانڊيو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مجبوري ۾ حڪومتي اتحاد جو حصو بڻياسين، عمران حڪومت قائم رهي ها ته ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهون ها. منھنجي خواھش آھي ته بلاول وزيراعظم پاڪستان ٿئي، آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ بلاول کي وزيراعظم ڏسڻ چاھيان ٿو، ڪالهه هتي زرداري هائوس ۾ بلدياتي نمائندن کي خطاب ڪندي ھن چيو ته عمران خان کي ملڪ بچائڻ لاءِ ڪڍيو، پيپلزپارٽي موجوده حڪومت جي اتحادي آھي، پيپلزپارٽي جي حڪومت ايندي ته ماڻھن کي ماضي جيان روزگار ملندو، ھن چيو ته ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ ترقياتي ڪمن ۾ آغاز ٿي چڪو آھي، برسات ۾ اسان متاثرين جي ھر ممڪن مدد ڪئي، ھن چيو ته مون  توھان لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو، توھان منھنجي والد کانپوءِ مونسان گڏ رھيا، ھاڻي توھان بلاول ۽ آصفه  جو به ساٿ ڏيو، ھن چيو ته منھنجي دل چوي ٿي ته توھان مونسان ملو، واري واري سان توھان جي  گھر گھر تائين نٿو پھچي سگھان، ان ڪري توھان کي ھتي گھرايو آھي، ھن چيو ته پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق قائم رکو، ايندڙ نسل لاءِ ڪم ڪريو ۽ محنت ڪيو. معاشي بحران پيپلز پارٽي جي حڪومت ئي ختم ڪري سگھي ٿي بلدياتي نظام به ان جي ڪڙي آھي ته عوام جي درن تي روزگار ۽ انصاف فراهم ٿئي،چونڊيل نمائندا عوام سان رابطي م رھن، ھاڻي عوامي شڪايتون برداشت نه ڪنداسين، عوام اسان وٽ اڳ به اهميت هئي هاڻ به آهي، هن چيو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان واري نعري تي عمل ڪرڻو آهي. ٻي طرف سڪرنڊ ڀرسان محرابپور ۾  پ پ ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نوابشاھ کان ھليڪاپٽر ذريعي سڪرنڊ ڀرسان محرابپور پھچي ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ سان والده جي وفات تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي نادر مگسي، سردار خان چانڊيو، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا، جڏھن  ته  غيررسمي گفتگو ڪندي آصف زرداري چيو ته پ پ دور حڪومت ۾ ھميشه  عوام جي خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته  ھارين کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي، برسات متاثرن جي مالي مدد ڪئي آهي.