چڪوال (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان موجوده حڪمرانن تي ملڪي معيشت کي تباهه ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته آمريڪا سان گڏجي سازش ڪري چورن کي مڙهيو ويو، آرمي چيف جي ميرٽ تي مقرري واري ڳالهه ڊي جي آءِ ايس پي آر کي سمجهڻ گهرجي ها، نامعلوم نمبرن تان ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ اوهان کي ڌمڪيون ڏين ته واپس ڌمڪيون ڏيو، جيڪي ڊيڄاري انهن کي ڊيڄاريو، قوم خوف جو بُت ٽوڙي.  چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته غدارن آمريڪا سان گڏجي سازش ڪري چورن کي مڙهيو، سڄي قوم کي خبر هجڻ گهرجي، قوم انهن غدارن کي نه وساريندي جن اها امپورٽڊ حڪومت مڙهي ڇڏي. مونکي قوم کي انهن چورن خلاف سڏ ڏيڻو آهي، هي سمجهندا هئا ته آئون چپ ڪري ويهي رهندس، قوم کي به چوان ٿو ته خوف جي بت کي ٽوڙيو، نامعلوم نمبرن تان ڌمڪيون ڏيندڙن کي واپس ڌمڪيون ڏيو، جيڪي ڊيڄاري اوهان به انهن کي ڊيڄاريو، هي اوهان کي ڊيڄاريندڙ ڪير ٿيندا آهن؟ ملڪي قيادت چونڊ عوام جو ڪم آهي، جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو، اسان به ڪري ڏيکارينداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي بي حسي ڏسو، اهڙين حالتن ۾ هو پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي، کيس ٻاهر وڃي ڪهڙي ملهه مارڻي آهي؟ جڏهن ملڪ ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ آيل آهي، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به ٻاهر هليو ويو، کيس ان ڪري مڙهيو ويو جو اهو سندن حڪم مڃيندو. عمران خان مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته زرداري ۽ شريف ڪٽنب 30 سال ملڪ کي لٽي پيسا ٻاهر کڻي ويو، جيڪڏهن اهو اڌ به واپس آڻين ته پاڪستان کي دنيا آڏو هٿ ٽنگڻ جي ضرورت نه پوي. روسي صدر پيوٽن آڏو شهباز شريف جون ” ڪانپين ٽانگ رهي تهي“ ڪنهن وزيراعظم کي اهڙيون ڳالهيون ڪندي ناهي ڏٺو جيڪي شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ڪيون، هو يو اين سيڪريٽري جنرل کان پيسا گهري رهيو هو ۽ چيو ته اوهان جيڪي پيسا ڏيندا اهي پڪ ڏياريان ٿو ته شفافيت سان خرچ ڪنداسين. عمران خان چيو ته يو اين سيڪريٽري جنرل کي اها ڄاڻ هئي ته ان ڪابينا جا 60 سيڪڙو وزير ضمانت تي آهن، سيڪريٽري جنرل ڪهڙي منهن سان توهان کي پئسا ڏيندو، کيس خبر آهي ته مٿن ڪرپشن جا ڪسيز آهن، سيڪريٽري جنرل کي سڀ خبر آهي انڪري هو کين پئسا نه پيو ڏئي. هن کي اها خبر ناهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي هڪ ٽيم غريب ملڪ غريب ڇو ۽ امير ملڪ امير ڇو ٿي رهيا آهن بابت 2 سال ريسرچ ڪئي ۽ ٻڌايو ته غريب ملڪن جا حڪمران ملڪ مان پيسا چوري ڪري مني لانڊرنگ ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون خريد ڪندا آهن يا بينڪن ۾ رکندا آهن، انڪري غريب ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو. هن چيو ته شهباز شريف حلفي بيان ڏنو هو ته نواز شريف واپس ايندو، هاڻ تصويرون اچن ٿيون ته شهبازشريف ڀاڄوڪڙ نوازشريف سان گڏجي فيصلا ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جو آرمي چيف ڪير هجڻ گهرجي؟ ان کان وڏي ملڪ جي توهين ڪهڙي هوندي. عمران خان پ پ ۽ ن ليگ اڳواڻن سان پنهنجي ڀيٽ ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ابتڙ سندس اسٽيبليشمينٽ جي نرسري ۾ پرورش ناهي ٿي ۽ آئون 22 ورهين جي سياسي جدوجهد کانپوءِ اقتدار ۾ آيو . اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪو ملڪ ميرٽ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، توهان جو ڪو به مستقبل ناهي جڏهن ڪابينا جا 60 سيڪڙو ميمبر ضمانت تي ٻاهر هجن ۽ ڪرپٽ نواز شريف ۽ آصف زرداري قائد بڻجي وڃن. آرمي چيف جي مقرري بابت عمران خان چيو ته فوج جي سپهه سالار جي مقرري ميرٽ تي هئڻ گهرجي ۽ منهنجو يقين آهي ته اها ئي قوم ترقي ڪندي آهي جيڪا ميرٽ تي هلندي آهي. عمران خان چيو ته نواز شريف، آصف زرداري کي به ايندڙ آرمي چيف مقرر ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته کين پنهنجن گهر ڀاتين کانسواءِ ڪجهه نظر ناهي ايندو، ميرٽ جي نالي کان به اڻ ڄاڻ آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين آرمي چيف بابت پنهنجي تڪراري بيان جي سلسلي ۾ چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر توهان کي ته مونکي آرمي چيف جي مقرري وارن تبصرن بابت درست سمجهڻ گهرجي ها، اڄ سڄي قوم مون سان گڏ آهي ته هنن چورن کي پاڪستان جو آرمي چيف نه چونڊڻ گهرجي، نوازشريف لنڊن جي جنهن گهر ۾ رهي ٿو ان جون رسيدون نٿو ڏئي سگهي، زرداري جي چوري تي ڪتاب لکيل آهن، ڇا هي ملڪ جو آرمي چيف چونڊيدا؟ نوازشريف روپوش آهي، ڪوڙ ڳالهائي ملڪ کان ڀڄي ويو آهي. عمران خان چيو ته نواز شريف جي ڌيءَ زندگي ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪم ناهي ڪيو  پر نواز ليگ جي راڻي بڻيل آهي، مريم جي خصوصيت رڳو اها آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيل اٿس،چوڌري نثار نواز ليگ کان ڌار انڪري ٿيو هو ته ڪٿي چوڌري نثار ۽ ڪٿي مريم نواز، آصف زرداري به ولايتي پٽ کي پارٽي جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو، جنهن کي اڃا اردو ڳالهائڻ به نٿي اچي، پيپلز پارٽي ۾ جيڪڏهن ميرٽ هجي ها ته اعتزاز احسن چيئرمين هجي ها بلاول نه. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته برطانوي وزيراعظم بورس جانسن وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي آيو، ان کان ڪورونا دوران غلطي ٿي وئي جو هن آفيس ٻاهران ماڻهو جمع ڪيا، جنهن تي ماڻهن سوال ڪيو ته اوهان ماڻهن کي چئو ٿا ته فاصلو رکو ته پوءِ اوهان آفيس ٻاهران ماڻهو گڏ ڪري انهن سان ڇو مليا؟ ان تي کيس هٽايو ويو ۽ اسان وٽ 1600 ارب جو ڌاڙو هڻندڙ شهبازشريف کي وزيراعظم بڻايو ويو، سندس پٽ کي وزيراعليٰ بڻايو ويو، هڪ فيڪٽري تي چور ويهاريو ته فيڪٽري بند ٿي ويندي، هي ملڪ کي ڪيئن هلي سگهندو،  چورن جي حڪومت مڙهيندڙ غدارن کي قوم ۽ الله اوهان کي معاف نه ڪندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته مسٽر ڊيزل 2 ڀيرا حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسلام آباد آيو، فضل الرحمان ڊيزل، ولايتي بلاول  مهانگائي مارچ ڪري اسلام آباد آيا ۽ چيو ته عمران خان کان مهانگي تي ڪنٽرول نه ٿي رهي آهي، مهانگائي جي واويلا ۾ لفافي وارن صحافين ۽ ميڊيا هائوس کي به پيسا ڏئي پاڻ سان ملائي ڇڏيو ۽ اهو ميڊيا هائوس جيڪو پيسن لاءِ ملڪ خلاف ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. جڏهن ته مهانگائي خلاف مارچ ڪندڙن جي حڪومت 5 مهينن ۾ مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو، اڄ عالمي منڊي ۾ اگهه گهٽ آهن پر  پوءِ هتي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه مهانگا آهن، اسانجي دور ۾ 16 رپيا يونٽ تي بجلي هئي اڄ ٽيڻ تي قيمت وڌي وئي آهي، 55 رپين وارو اٽو 100 رپين کان وڌي ويو آهي، چانور 100 رپين کان 300 رپين تي پهتا آهن،  ميڊيا اڄ ڇو خاموش آهي، هاڻ ڇو نٿا عوام کي ٻڌايو ته مهانگائي ڪيئن وڌي وئي؟ اڳوڻي وزيراعظم يچو ته معاشي سروي ۾ چيو ويو آهي ته اسانجي حڪومت ۾ 17 سالن بعد معاشي ترقي ٿي، 5.6 سيڪڙو ترقي رهي، 4 وڏن فصلن جي رڪارڊ پيداور لٿي، ڪمند جي آبادگارن کي شوگر مافياز کان پورا پيسا ڏيايا، ٽيوب ويل تي 8 رپيا بجلي يونٽ رکيو اڄ 36 رپيا يونٽ آهي، ڊي اي پي ٻوري 8 هزار هئي هاڻ 14 هزار آهي، هاڻ ايڪسپورٽ ڪري رهي آهي، مهانگائي وڌي رهي آهي، سياري ۾ گيس جي قيمت وڌڻ واري آهي، آئون سياست نه حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪريان ٿو، جهاد جي ڳالهه ڪريان ٿو، سموري قوم اسلام آباد جي مارچ لاءِ تياري ڪري. هن چيو ته شهباز گِل کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو، مٿس بيگناهه تشدد خلاف خلاف قانوني ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي ته منهنجي خلاف دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو ويو، جيترا وڌيڪ اهڙيون حرڪتون ڪندا آئون اوترو وڌيڪ اوهان جو مقابلو ڪندس، مونکي سڃاڻيندڙ ڄاڻن ٿا،