اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ عورت جج ۽ پوليس کي ڌمڪين بابت ڪيس مان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ عمران خان خلاف داخل دهشتگردي وارو ڪيس ختم ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. ٻڌڻي دوران عدالت جي آءِ ٽي کان جواب طلب ڪيو ته دهشتگردي جو ڪيس بڻجي ٿو يا نه؟ جي آءِ ٽي عمران خان خلاف دهشتگردي جو ڪيس صحيح قرار ڏئي ڇڏيو، جي آءِ ٽي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف ڌمڪي واري تقرير تي دهشتگردي جو ڪيس ٺهي ٿو، اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت کي آگاهه ڪيو ته دهشتگردي جا قلم لڳن ٿا هن ڪيس ۾ چالان رپورت تيار ڪئي وئي آهي. عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر دليل ڏنا ته دهشتگردي جي قلمن لاءِ ڪجهه بنيادي نڪتا ضروري هوندا آهن عمران خان مٿان داخل ڪيس ۾ اهي سمورا نقطا موجود ناهن دهشتگردي جو ڪيس ڊپ ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪرڻ تي ئي بڻجي ٿو. صرف اهڙي قسم فضا پيدا ٿيڻ جي امڪان تي ڪيس نٿو بڻجي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته عمران خان ايڪشن جي ڳالهه ڪئي جيڪا قانوني ايڪشن جي ڳالهه هئي، آءِ جي پوليس ۽ ڊي آءِ جي تي پڻ ڪيس جي ڳالهه ڪئي وئي، درخواست متاثر ڌرين طرفان اچڻ گهرجي ها ته بيان سبب هو خوفزدا ٿي ويا هئا، هي ڪمپيوٽر ٽائپ درخواست هئي جنهن پٺيان ڪو ماسٽر مائنڊ آهي، چيف جسٽس پراسيڪيوٽر کي چيو ته جيڪڏهن اوهان تقريرن تي اهڙا پرچا ڪٽيندا ته هڪ فلڊ گيٽ کلي ويندو، دهشتگردي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو آهي، ڇا عمران خان جي سموري تقرير ۾ ٿريٽ يا نقصان پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي؟ ڇا آءِ جي يا ڊي آءِ جي ڪا ڪمپلين فائل ڪئي آهي؟ پراسيڪيوٽر چيو ته اهي لفظ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ٿي سگهي ٿو ته مستقبل جو به وزيراعظم هجي ان جي طرفان استعمال ڪيا ويا، پوليس ۽ ججز جي حوالي سان به ٿريٽ ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته ان حوالي سان ته هن ڪيس ۾ هڪ قلم به نٿو لڳي. دهشتگردي جا ڪيس ته داخل ٿيندا رهندا آهن. جڏهن اوهان چئو ٿا ته تقرير کان سواءِ جاچ ۾ ڪجهه ناهي آيو ته ڊيزائن ته ختم ٿي وئي. اوهان پاڻ مڃيو آهي ته تقرير کان علاوه ان جي خلاف ٻيو ڪجهه ناهي. پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته اهو ناهي چيو ته ڪو ليگل ايڪشن وٺنداسين پر چيو ته اسان ايڪشن وٺنداسين. جيڪڏهن ايس ايڇ او ڪنهن کي چئي ته مان توکي ڏسي وٺندس ته ان جا سنجيده اثر ۽ نتيجا ٿي سگهن ٿا. بالڪل اهڙي طرح اڳوڻي وزيراعظم جي ان چڙ ڏياريندڙ بيان جا به اثر آهن. انهن حقيقتن تي جاچ ڪندڙ آءِ جي کي ٻيهر چيو ته مون کي ڪيس کان ڌار ڪيو وڃي، عمران خان بيان ذريعي يقينن آفيسرن کي خطري ۾ وڌو، عمران جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ ريلي ۾ اهڙو بيان ڏنو جنهن تي ڪيس داخل ٿيو، تقرير تي دهشتگردي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ قانون کي مذاق بڻائڻ جهڙو آهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته عمران خان خلاف ڪيس مان سيڪشن 186 ڪڍي وئي آهي، پوليس ملازم کي زخمي ڪرڻ جي ڌمڪي جو سيڪشن 189 شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جيڪا سيڪشن ڪڍڻ گهربي هئي اها ختم ناهي ڪئي وئي، عمران خان جيڪو چيو اهو کيس نه چوڻ گهرجي ها هو افسوس جو اظهار به ڪري چڪو آهي، عدالت چالان داخل ڪرائڻ کان روڪيو هو پر پوليس چالان تيار ڪري رکيو آهي. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو، دهشتگردي جي قلمن کانسواءِ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان سيشن ڪورٽ منتقل ٿيندو. جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي اڄ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي.