اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانه ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته اسپيڪر ثبوتن پٽاندڙ عمران خان کي نااهل ڪرڻ وارو ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو، اسپيڪر اهو ريفرنس پنج ميمبرن جي درخواست تي فائل ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته 63 ٽو تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي. علي ظفر چيوته ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان توشا خانه جا تحفا اليڪشن ڪميشن کان لڪايا، 62 ون ايف تحت نااهل آهي ڇاڪاڻ ته هو صادق امين ناهي، اسپيڪر اهو فرض ڪري ريفرنس اليڪشن ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، ريفرنس ۾ اهو پڻ چيو ويو ته عمران خان ٽيڪس رٽرن ۾ تحفا ظاهر ڪيا، 62 ون ايف تحت نااهلي وارو سوال ئي ناهي . وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اثاثا ظاهر ناهن ڪيا ته اسپيڪر ريفرنس ناهي موڪليندو، اهو اليڪشن ڪيمشن جو ڪم آهي، قانون اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي 120 ڏينهن ۾ ڪيس جي ڳالهه ڪري ٿو، قانون ۾ ائين ناهي لکيل ته 10 سالن کانپوءِ  ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته هي هڪ سياسي ڪيس آهي، تحفن جي 5 ڪروڙ 80 لک آمدني تي جيڪو ٽيڪس ڏنو، اهي سڀ ڊڪليئر ڪيا آهن، 2021ع تائين سمورا تفصيل ڏنا آهن، اسان سڀ چالان، اثاثا، ٽيڪس رٽرن جواب ۾ لڳائي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن تفصيلن تي شڪ هوندو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪندي آهي اسان جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڪو اعتراض نه لڳايو، سال 2019-20ع ۾ اسان کي 17 لک جا تحفا مليا. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته ڇا ڪنهن عدالت ڊڪليئريشن ڏني ته عمران خان صادق امين ناهي رهيو، جيڪڏهن عدالت جو ان حوالي سان فيصلو ناهي ته پوءِ اسپيڪر ، عمران خان جي نااهلي جو ريفرنس ڪئين موڪلي سگهي ٿو. بيئرسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي. ڪميشن ميمبر چيو ته توهان جيڪي تحفا خريد ڪيا، رقم توشا خانه کي ادا ڪئي، اها رقم ڪٿان آئي؟، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان توهان کي اها ڳالهه نٿا ڏيکاري سگهون. ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته جيڪڏهن 4 مهينن بعد پڪي معلومات ملي ته ڇا ڪا به ڪارروائي نٿي ٿي سگهي؟ جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته ڪارروائي ٿي سگهي پر اليڪشن ڪميشن ڪارروائي نٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن ۾ ڪي پي جي ميمبر اڪرام الله چيو ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 173 تحت رڪارڊ هجي ته ٽرائل جي ضرورت ناهي، ڇا وڪرو ڪيل اثاثن جي رقم ظاهر ڪرڻ لازم ناهي؟ اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان خلاف توشا خانه ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.