لاهور (م، ڊ) نواز ليگ نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ پاڪستان جي ڪاميابين فارن فنڊنگ ايجنٽ کي تڙپائي ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتني خان جون وزيراعظم شهباز شريف بابت بي تڪيون ڳالهيون ٻڌائي رهيون آهن ته شهباز شريف ۽ پاڪستان کي جيڪي سفارتي ڪاميابيون ۽ ٻاهرين دنيا کان عزت ملي آهي، ان فارن فنڊنگ ايجنٽ کي تڙپائي رکيو اهي. هن چيو ته ڊالر آخر حلال به ته ڪرڻا آهن، ان ئي حسد جي باهه ۾ سڙڻ هاڻ ان جو مقدر آهي.