لنڊن (م ڊ) نواز ليگ قائد نواز شريف طرفان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ڪرسي خطري ۾ پئجي وئي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ ملاقات دوران پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف بي اعتمادي رٿ جي حمايت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ امڪان پيدا ٿي ويو آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ان کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بي اعتمادي جي حوالي سان نواز ليگ کي تحريڪ انصاف جي ڏکڻ پنجاب ڌڙي ۽ ق ليگ جي ڪجهه ميمبرن جي به حمايت حاصل آهي. ذريعن موجب ن ليگ طرفان وڏي وزير جو نالو فائنل ناهي ڪيو ويو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اتفاق ڪيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ نئين وڏي وزير جي نالي تي غور ڪيو ويندو.