شڪارپور/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ صدر پي ڊي ايم مولانا فضل الرحمان سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي پهرين ڏينهن سکر، لکي غلام شاهه، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، رتوديرو ۽ نئون ديرو جي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. مولانا فضل الرحمان رتوديرو ۾ ڪئمپن جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ همدردي جو اظهار ڪندي ٻوڏ متاثرن ۾ روڪ رقم ورهائي. ٻي طرف  شڪارپور ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان قاري محمد علي مدني جي وفات تي سندس پٽ مجيب الرحمان مدني سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته   برساتي ٻوڏ متاثرن کي سياسي اختلافن جي ور نه چاڙهيو وڃي، سڀني کي گڏجي ھنن جي مدد ڪرڻ گھرجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته ھڪ پارٽي جلسا ڪري رھي آھي، ٻيون سڀ سياسي ڌريون بنا ڪنھن فرق جي برسات متاثرن جي مدد ڪري رھيون آھن، هن چيو ته  برسات متاثرن جي مدد لاءِ حڪومت پنھنجا وسيلا استعمال ڪري رھي آھي، ان سان گڏوگڏ ٻاھرين دنيا کان مدد گھري رھي آھي، مولانا فضل الرحمان چيو ته قدرتي آفت آئي آهي پر عمران خان جلسي تي جلسي پيو ڪري، عمران خان رڳو گند اڇلائي ڪجھه ماڻھن کي نچائي تبديلي جون ڳالھيون ڪري رھيو آھي، هن چيو ته  سنڌ جي زمينن ۾ برساتي پاڻي ايترو بيھجي ويو آھي، جنھن جو ڪو اندازو ئي ناھي،   فصل مڪمل طور تباھ آھن، جن جو ازالو ڪرڻ آسان ناھي، ھن چيو ته  سوا ٽن سالن ۾ عمران خان ملڪي معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو، جنھن بعد برساتي تباھي معيشت کي وڏو نقصان ڏنو آھي، مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم ٻڏي رھي آھي عمران خان جلسا ڪري رھيو آھي، ھن جي ڪا خبر ناھي ته ھو نشي ۾ آھي يا صحيح حالت ۾ آھي، جي يو آءِ سربراهه چيو ته  ملڪ کي  بحران مان ڪڍڻ وڏو چئلنج ھوندو، ھاڻي مسئلو آيل تباھي ناھي پر مسئلو اھو آھي ته تباھ ٿيل ملڪ کي وري ڪينئن پنھنجي پيرن تي بيھارجي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جھڙي ھاٿي کي اسان ڳچي کان پڪڙي سنڀاريو آھي، جيڪو آسان ڪم نه ھو، ھن وقت بين الاقوامي ادارا عمران خان جي پٺڀرائي ڪري رھيا آھن،ھن چيو ته عمران خان اندر ڪجھه ۽ ٻاھر ڪجھه آھي ھن جون تعريفون اسرائيل جي ٽي وي چينلز تي ھلن ٿيون، عمران خان پاڻ ٻاھرين ملڪ جو ايجنٽ آھي، جيڪو آمريڪا جي سفيرن جي پيرين پئي رھيو آھي.