فوتي شخص آخري رسمن دوران اٿي ويهي رهيو

0
852

نئين دهلي(دلچسپ نيوز)  فوتي شخص آخري رسمن دوران اٿي ويهي رهيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست گجرات ۾ هڪ پيرسن اسپتال آندو ويو جٿي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد مڙهه گهر آڻي آخري رسمون ادا ڪيون ويون

فوتي کي ساڙڻ واري رسم لاءِ شمشان گهاٽ آندو ويو جٿي تيلي ٻارڻ کان ڪجهه منٽ اڳ سندس اکيون کلي ويون ۽ هو اٿي ويهي رهيو جنهن بعد فوري طور ايمبولينس گهرائي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس ڊاڪٽرن مٿان لاپرواهي ڪرڻ ۽ مريض جي صحيح نموني چڪاس نه ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.