ڪراچي ڀرسان حادثو: شاعر ارشاد جاگيراڻي ۽ ماڊل روبي علي زخمي

0
366
ڪراچي ڀرسان حادثو
ڪراچي ڀرسان حادثو: شاعر ارشاد جاگيراڻي ۽ ماڊل روبي علي زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ڀرسان سپر هاءِ وي تي حادثو: شاعر ارشاد جاگيراڻي ۽ ماڊل روبي علي زخمي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو ارشاد جاگيراڻي ۽ ماڊل روبي علي ڪراچي کان خيرپور وڃي رهيا هئا ته سپر هاءِ وي تي ڊي ايچ اي وٽ موٽر سائيڪل کي بچائيندي سندن ڪار ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ارشاد جاگيراڻي رابطي تي ٻڌايو ته مامي جي فوتگي تي ڳوٺ وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ حادثو پيش آيو. هن چيو ته روبي علي جي حالت خراب آهي،  مون کي گھٽ ڌڪ لڳا آهن.