آصف زرداري اوچتو ڳڙهي خدابخش پهچي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

0
231

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي چوڏهين ورسي جي موقعي تي اوچتو ڳڙهي خدابخش پهچي سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته آصف زرداري جي طبيعت ٺيڪ ناهي ۽ هو اسلام آباد مان جلسي ۾ شرڪت لاءِ نه اچي سگهندو. گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به تصديق ڪئي هئي ته آصف زرداري ورسي واري جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهندو

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد مان پنهنجي نياڻي آصفه سان گڏ موهن جو دڙو پهتو ۽ اتان ڳڙهي خدابخش ۾ جاري جلسي جي پنڊال ۾ پهتو ته سڀ حيران ٿي ويا. آصف زرداري بلاول کي مٺي ڏني ۽ ٻنهي اڳواڻن پنڊال ۾ موجود ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو

آصف زرداري جلسي کي مختصر خطاب به ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان امير ملڪ آهي پر بي عقل حڪمرانن جي پاليسين سبب عوام غربت جي ور چڙهيل آهي. آصف زرداري چيو ته غريب عوام جو اهو مقدر ناهي ته هو سدائين غريب رهندا، عوام جي تقدير بلاول آهي ۽ بلاول ئي هنن جي تقدير بدلائيندو