سني ليون خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان

0
379
سني ليون خلاف توهين

ڀوپال (شوبز نيوز) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي حڪومت بالي ووڊ اداڪارا سني ليون خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.مڌيا پرديش جي گهرو وزير نروتم مشرا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سني ليون جي نئين گاني ”مڌوبن مين راڌيڪا“ کي ٽن ڏينهن اندر سڀني پليٽ فارمز تان هٽائي معافي نه گهري وئي ته ان خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو

هن گيت جي ڪمپوزر ثاقب توشي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ڪجهه ماڻهو لڳاتار هندن جا جذبا مجروح ڪري رهيا آهن.واضح رهي ته گلوڪارا ڪنيڪا ڪپور جي نئين گاني ”مڌوبن“ ۾ بالي ووڊ اداڪارا سني ليون پرفارم ڪيو آهي پر ان گاني کانپوءِ ڀارتين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي.ڀارتي هندن جو چوڻ آهي ته گاني ۾ هندو ديوي راڌا جي بي عزتي ڪئي وئي آهي، ان گاني سان اسان جا جذبا مجروح ٿيا آهن، ڇو ته راڌا ڀڳوان جي سچي پوڄاري هئي، جنهن کي گاني ۾ ڊانسر طور پيش ڪيو ويو آهي.