اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي اڳواڻ حنيف عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي پارٽي صدارت لاءِ چار ڄڻا اڳيان اچي چڪا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي حنيف عباسي جو چوڻ هو ته عمران خان سمنڊ پارپاڪستانين جي اڳيان وائکو ٿي ويو آهي، بي نامي اڪائونٽن کانپوءِ عارف علوي کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسد عمر، شاهه فرمان ۽ عامر ڪياني خلاف جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏي آهي، ان کانسواءِ پي ٽي آءِ جي 13 بي نامي اڪائونٽن جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. حنيف عباسي چيو ته ڪابينا ۾ معاملو ايف آءِ اي ۽ نيب جي حوالي ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف جاچ جو دائرو وڌايو ويندو،  کين ٻاهر فرار ٿيڻ نه ڏبو، 350 ڪمپنين وٽان ايندڙ پئسن جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي لاڏلي ثاقب نثار به چيو هو ته جيڪڏهن حلفي بيان ڪوڙو ثابت ٿئي ته ايڪشن کنيو ويندو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي پارٽي صدارت لاءِ چار ڄڻا اڳيان اچي چڪا آهن، فواد چوڌري به پي ٽي آءِ جي صدارت وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.