مٺي/ننگرپارڪر/اسلام ڪوٽ/ڏيپلو/چيلهار (نمائندن وٽان) ٿر ۾ برسات، ڪارونجھر جبل مان نئيون وهي آيون، ڊيم ڀرجي  تار، ان ڏس ۾ مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر، چيلهار ۽ اسلام ڪوٽ ۾ گج گوڙ سان تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي،    ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي برسات جو وسڪارو 43 ملي ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو، ڪارونجهر جبل مان ڀٽياڻي، گوڙڌڙو، کاري واهه، پورڻ واهه، گهرٽياري، ڏينسي ۽ ٻيون نئيون وهي آيون، جڏهن ته ڪارونجهر جبل ۾ موجود ڊيم پاڻي سان ڀرجي تار ٿي ويا آهن، ٻي طرف ڪارونجهر جبل جا خوبصورت آبشار چشما پڻ وهي آيا آهن، برسات سبب ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون موٽي آيون، جڏهن ته تازي برسات گاهه ۽ پوکيل فصلن لاءِ فائيديمند ثابت ٿيندي، ٻي طرف برسات سبب سياحن جي وڏي انگ پنهنجين فيميلين سميت ٿر سميت ڪارونجهر جبل جي تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو آهي، ڪارونجهر جبل پڻ سائي چادر اوڊي ورتي آهي، ڪارونجهر جي  پهاڙي سلسلي ۾ پاڻي جا لشڪارا تفريح جو ذريعو بڻيل آهن، ڪارونجهر جا ڀوڏيسر ، نرياسر ، ڀاڻسر ، رڻملسر ، لورڙائي ، جهنجهياسر سميت راڻاسر ۽ ٻيا تلاءَ پاڻي سان ڀرجي ويا، جڏهن ته پاري نگر جي تاريخي سانگاهه ڍنڍ پلر پاڻي سان ڀرجي ويو،  جڏهن ته ڪارونجهر جبل ۾ ٻڪريون چاريندڙ ڌنار پڻ بانسري تي ٿري لوڪ گيتن جا سر وکيري رهيا آهن.