ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ امتياز مڱريو )   واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ، اليڪشن ڪميشن آزاد آهي . عمران خان خلاف حڪومت ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي . لارجر بينچ جوڙي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪيووڃي .عمران خان ملڪي سياست ۾ ملڪ دشمن سوچ سان نفرتون پيدا ڪري رهيو آهي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي دوري دوران ملاڪاتيار جي سنڌو دريا بند جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو . هن چيو ته عمران خان آمريڪا جي غلامي قبول نه ڪرڻ جون دعوائون ڪري پاڻ پرڏيهي ملڪ دشمن قوتن کان فارن فنڊنگ ڪرڻ ۾ جوابدار ثابت ٿي ويو آهي ، عمران خان ملڪ ۾ خانا جنگي پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لاءِ سمورا ملڪ دشمن حربا استعمال ڪري رهيو آهي ، وفاقي حڪومت پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي ملڪي ايڪانامي کي بهتر ڪرڻ لاءِ مشڪل کان به مشڪل فيصلا ڪيا آهن ، عوام جي ناراضگي باوجود ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ ضروري قدم کڻي هاڻي بهتري ڏانهن اڳتي قدم وڌايو آهي جنهن سان ملڪ ترقي ڏانهن گامزن ٿيندو ، جيڪا معاشي بدحالي جو بحران پيدا ٿيو آهي ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ زيرو کان ڪيل ڪوششون ضرور رنگ لائينديون .