اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏيندي وڌيڪ ٻن هفتن جو وقت ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جو وڪيل شاهه خاور اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿيو، سندس چوڻ هو ته گذريل ٻڌڻي تي اسان 4 هفتن جي مهلت گهري وئي، پي ٽي آءِ پرڏيهي چيپٽرز کان ڄاڻ گهري آهي، اها وصول ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ٻه هفتا ته گذري ويا آهن، اليڪشن ڪميشن ميمبر چيو ته اڳ ئي ڪيس جي ٻڌڻي 8 سال هلي هئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل شاهه خاور چيو ته ڄاڻ تمام اهم آهي، جيڪا پاڪستاني ڊونر آهن، انهن جا نائيڪاپ ۽ ٻيا دستاويز گهرايا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنهنجا جواب اڳ ۾ جمع ڪرايو ته جيئن ايندڙ ٻڌڻي تي دليل شروع ٿي سگهن. ڪيس جي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.