اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ پوليس کي عمران خان خلاف چالان جمع ڪرائڻ کان روڪيندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پوليس سان جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ بابت ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عمران خان طرفان وڪيل بيئرسٽر سلمان صفدر، فيصل چوڌري عدالت جي سامهون پيش ٿيا جڏهن ته حڪومت طرفان ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بيئرسٽر جهانگير جدون پيش ٿيو. عمران خان جي وڪيل بيئرسٽر سلمان صفدر جو چوڻ آهي ته پوليس عمران خان خلاف دهشتگردي جي ڪيس ۾ نوان قلم شامل ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته پوليس عمران خان خلاف چالان جمع ڪرايو؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته عمران خان ڪيس جي جاچ ۾ شامل نه پيو ٿئي، عمران خان تائين پوليس کي پهچ نه پئي ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪو اتي وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي ته پوءِ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. جيڪڏهن جاچ آفيسر سان ڪير سهڪار نٿو ڪري ته ايندڙ هفتي رپورٽ ڏينداسين، جيڪڏهن هنن سهڪار نه ڪيو ته عدالت هن ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪندي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته يونيفارم ۾ بيٺل پوليس اهلڪار رياست آهي، جيڪڏهن پوليس کان غلطي به ٿي ته عدالت فيصلو ڪندي، جيڪڏهن اسان قانون تي عمل نه ڪنداسين ته ڪنهن ٻئي کي ڪئين قانون تي عمل ڪرائڻ جو پابند ڪري سگهنداسين، هي معاملو جاچ آفيسر لاءِ به هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي. عمران خان جي وڪيل عمران خان خلاف ايندڙ هفتي تائين ڪارروائي نه ڪرڻ جي استدعا ڪئي. جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي عمران خان خلاف ڪيس ۾ شفاف نموني جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هتي پراسيڪيوشن برانچ جو وجود ئي ناهي، ان کي ڪير ايڊوائس ڪندو، جي آءِ ٽي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هڪ تقرير کانسواءِ ڪو ثبوت آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل جهانگير جدون چيو ته هن ڪيس جا پيرا شهباز گِل ڪيس سان لڳن ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي دهشتگردي واري ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان جمع ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته چالان کان پهرين عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرايو ، عمران خان جو بيان وٺو،  ڪيس ٺهي ٿو يا نه جاچ آفيسر ان بابت فيصلو ڪري. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.