لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ڊويزن سميت دادو ضلعن جي ٻن تعلقن ۾ ماڻهن کي ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻوڙائي انهن جي واهر نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت داخل پٽيشن تي ڪمشنر کي حڪم ڏنو آهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي نگرانيءَ ۽ سول جج جي سربراهيءَ ۾ سٽيزن ڪاميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن کي شامل ڪري ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر ڪري انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ واهن ۽ شاخن کي غيرقانوني ڪٽ ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري فوري طور ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي انڊس هاءِ وي کي به ڪليئر ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي 8 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي سينيئر وڪيلن رفيق احمد ابڙو ۽ سرفراز خان جتوئي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ ۾ بااثرن طرفان پنهنجي مفاد خاطر مختلف واهن ۽ ڪئنالن کي ڪٽ ڏئي ماڻهن کي ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻوڙائڻ توڙي انتظاميه طرفان ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف داخل ڪيل ٻنهي پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ خادم حسين تونيو جي عدالت ۾ ٿي جتي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ رٽائرڊ ليفٽنٽ عابد علي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺاڻي، ايڊيشنل ڪمشنر دادو عبدالابواعليٰ ڀٽي، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو امداد شاهه، ڊي ايچ او لاڙڪاڻو طرفان فوڪل پرسن راڪيش چندر لال ۽ ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت طرفان متاثرن کي رليف فراهم نه ڪرڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته دادو ضلعن جي ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن سميت ڊويزن جي هر تعلقي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي نگراني ۾ سٽيزن ڪاميٽي جوڙي وڃي جنهن جو سربراهه سول جج هوندو ۽ ان ۾ تعلقي اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ، مختيارڪار، پي ڊي ايم جي فوڪل پرسن ۽ تعلقه بار ايسوسئيشن جو صدر شامل هوندو ۽ ايس ايس پي ڪاميٽي سان سهڪار ڪندو. ڊويزن جا سمورا ڊپٽي ڪمشنر فوري طور تي ضرورت موجب هڪ کان وڌيڪ ٽينٽ سٽي قائم ڪري اتي تعلقن جي ٻوڏ متاثرن کي رهائيندا جتي سٽيزن ڪاميٽي ان ٽينٽ سٽي جي سمورن معاملن جي نگراني ڪندا. ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ضلعن جا ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سمورن متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ سان گڏ هڪ عورت ميڊيڪل آفيسر ۽ ويم لاءِ عملي کي ٽينٽ مقرر ڪندا. پي ڊي ايم طرفان متاثرن کي کاڌو، صاف پاڻي، ڪپڙا ۽ ٻين بنيادي سهولتن سان گڏ سٺي تعداد ۾ واش روم ٺهرائي ٽينٽ سٽي جي ماحول کي بهتر بڻائيندا. ڪمشنر لاڙڪاڻو، آبپاشي کاتي لاڙڪاڻو ڊويزن جي سپريٽيڊنٽ انجنيئر ۽ لاڳاپيل ضلعن جا ايس ايس پيز ڪٿي به غيرقانوني طريقي سان سم نالن، ڊرينيج سميت واهن ۽ ڪئنالن کي ڪٽ ڏيندڙ شرپسندن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪندا. لاڳاپيل عملدار پوري ڊويزن مان فوري طور ٻوڏ يا برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻندا. نيشنل هاءِ وي انڊس هاءِ وي کي عام ماڻهن لاءِ جلد کان جلد ڪليئر ڪرائيندا جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري پي ڊي ايم اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن، آبپاشي کاتي جي سپريٽيڊنٽ انجنيئر،  پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر، سيپڪو، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊرينيج ڊويزن لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سميت لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ کي طلب ڪرڻ سان گڏ سمورن عملدارن کي عدالتي حڪم تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.