سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) پاڪستان جي مهانگي ترين رليز ٿيل فلم ”دي ليجنڊ آف مولاجٽ“سموري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي. فلم جو ڊائريڪٽر بلال لاشاري آهي پر ساڻس ان وڏي فلم جي ٽيم ۾ ساڻس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور نامور اياز به ڪم ڪيو آهي. نامور اياز نه رڳو فلم ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو آهي پر اتي هن پنهنجي اداڪاري جا جوهر به ڏيکاريا آهن. فلم ۾ هو هيرو جو دوست آهي ۽ سندس مائرا خان سان به سين آهن. نامور اياز سکر جو رهواسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر اياز گل جو پٽ آهي. نامور اياز ان وڏي فلم جو حصو ان ڪري بڻيو جو لاهور ۾ هن ڪيتريون ئي شارٽ فلمون، وڊيوز ۽ ايڊورٽائيز شوٽ ڪيون آهن، اسٽيج ڊرامي ۾ به هن عالمي سطح جا ڊراما ڪيا آهن جنهن ۾ سندس اسڪرپٽ به لکيل هوندا آهن، اداڪاري ۽ ڊائريڪٽر طور به ڪم ڪندو آهي. نامور اياز ملڪ جِي فن جي حوالي سان وڏي يونيورسٽي اين سي اي لاهور ۾ فلم ميڪنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. ليجنڊ آف مولاجٽ کانسواءِ سندس ٻه ٻيون فلمون به اچڻ واريون آهن. هن سنڌي نوجوان کي لاهور جي اسٽيج ۽ فلم جي دنيا ۾ تيزيءَ سان پذيرائي ملي رهي آهي. سندس هڪ ٽيلي فلم عالمي سطح جي هڪ چينل تي نشر ٿي مقبوليت ماڻي چڪي آهي. کيس گهروارا پرينءَ جي نالي سان سڏيندا آهن.