برسبين(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي ليجنڊري ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي تحفي ۾ ڪيپ ڏئي ڇڏي. آسٽريليا ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڪمنٽري پينل ۾ شامل ڀارتي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر برسبين ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. گواسڪر جي قومي رانديگرن سان ملاقات رات جي ماني تي ٿي جنهن ۾ پاڪستاني مينجمينٽ جا ميمبر به شامل هئا. سنيل گواسڪر قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي تحفي ۾ ڪيپ پيش ڪئي بابراعظم ڪيپ وٺي خوش ٿي ويو.