ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا نمره خان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ويجهڙ ۾ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن کي مداحن طرفان گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا کي نيري رنگ جو خوبصورت لباس پهريل آهي. ان کان اڳ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جامني رنگ جي لباس ۾ پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي هئي.