ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي حد سپريو بند ڀرسان مبينه پوليس مقابلو ڪري ٻن هٿياربندن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ هڪ موٽر سائيڪل هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ ڦلجي واسي سجاد جمالي ۽ محمد حسن جمالي طور ٿي آھي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيلن کي تعلقي اسپتال ميهڙ بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون ۽ ايس ايڇ او سيڪشن سيد علي اصغر شاهه موجب ميهڙ اي سيڪشن پوليس ناڪا بندي دوران موٽر سائيڪل سوار جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ دوران پوليس هٿياربندن جو پيڇو ڪيو ته سپريو بند وٽ هٿياربندن سان پوليس جو مقابلو ٿيو جتي 2 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ ھڪ ساٿي فرار ٿي ويو آھي جنھن جي ڳولھا لاء پوليس پاران مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو اي سيڪشن ايس ايچ او موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ٻئين جوابدار عادي ڏوھاري آھن ۽ وڌيڪ ڏوھن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي پيو.