دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ۾ 4 ڏينهن اڳ جوهي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ ڪيل جي فيصل آباد جي رهواسي محمد جبران پٽ محمد رياض طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي ، مارجي ويل جبران جي ماءُ مسمات ممتاز بيگم ۽ سندس ڌيءُ اسماء دادو پهچي مارجي ويل جبران جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ جوهي پوليس کي درخواست ڏني جنهن کانپوء پوليس جي موجودگي ۾ ايڌي رضاڪارن پاران امانت طور دفنايل جبران جو لاش قبر مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، مسمات ممتاز بيگم داهيو ته سندس پٽ محمد جبران کي فيصل آباد مان اهلڪار گرفتار ڪري سکر کڻي آيا هئا، اطلاع مليو ته منهنجي پٽ محمد جبران کي دادو پوليس قتل ڪيو آهي. ، هن دانهيو آهي ته منهنجو پٽ ڏوهاري ناهي ، هن چيو ته قبضا مافيا محمود عرف قاضي ، سندس پٽ حمزه ، اسامه ، جاويد خان وارا اسان جي اسلام آباد ۾ زمين تي قبضو ڪيو آهي ، اڍائي مهينا اڳ انهن منهنجي وڏي پٽ محمد رضوان کي قتل ڪرايو ۽ ٻئي پٽ عبران کي منشيات جي ڪيس گرفتار ڪرائي جيل موڪلرايو آهي. پٽ جبان کي جعلي مقابلي ذريعي قتل ڪري اسان سان وڏو ناحق ڪيو ويو آهي، واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. واضح رهي ته جوهي دادو شهر جي ڀرسان لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ جبران کي ماريو هو. ممتاز بيگم ٻڌايو ته پٽ محمد جبران جي 9 مهينا اڳ شادي ڪرائي ، هو ڪڏهن به دادو ته ڇا پر سنڌ جي ڪنهن به شهر ناهي آيو ، اڍائي مهينن ۾ منهنجا 2 پٽ قتل ڪيا ويا آهن ، ٽئين پٽ امبران کي 13 ڊي ۽ منشيات جي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل موڪليو ويو آهي