پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ۽ ڪلھوڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ کجين جي باغ تي ڪم دوران جھيڙو ٿي پيو، لٺيون۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ڪلھوڙا ڌر جا 3 نوجوان زخمي ٿي پيا، ٽنهي  زخمين  فدا الله ڪلهوڙو، فيض محمد ۽ اياز ڪلھوڙو کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال داخل ڪرايو ويو. ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه ھجڻ بعد زخمين کي سيکڙاٽ نوجوان چيڪ ڪندا رھيا. ڌڪي مريض جي وارثن طرفان ايمرجنسي ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪري ايم ايس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.