پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ مھر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار ٻيھر ڪر کنيو، فائرنگ ۾ ھڪ نوجوان مارجي ويو. پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. مھر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار ٻيھر کنيو. جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان علي گوھر عرف گورو مھر کي قتل ڪري ڇڏيو. وارث مارجي ويل نوجوان جي لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل پھتا، جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي ته ڪجھه مھينا اڳ خانڳڙھ ۾ علي گوهر خان مھر جي سرپئنچيءَ ۾  فيصلو به ٿيو ھو. فيصلي باوجود اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، وارثن جي اچڻ تي ايف آءِآر داخل ڪئي ويندي.