اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر جي اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي واري درخواست ٻڌڻي کان روڪڻ واري درخواست تي اليڪشن ڪميشن، ايم پي اي ارسلان تاج کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت ۾ فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿيو، جنهن عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ارسلان تاج ۽ رابعه افضل جي درخواست تي اڪلايل ڪيس ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن انهن جي درخواست عدم پيروي جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي هئي، عدالت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي حڪم تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.