ٺٽو (رپورٽر) پير پٺو ويجھو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان غلام رسول عرف نور خشڪ جو قتل ڪيس گھوڙاٻاري ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. گذريل ڏهاڙي گھوڙاٻاري ٿاڻي جي حد ۾ پيرپٺو ويجھو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گيل موري ويندي مارجي ويل نوجوان غلام رسول عرف نور خشڪ جي قتل جو ڪيس سندس پيءُ ميرحسن خشڪ جي جي فرياد تي گھوڙاٻاري ٿاڻي تي جوابدارن صاحبڏنو خشڪ، دائود خشڪ، حمزو خشڪ، مير حسن عرف ڪوٽو خشڪ ۽ هاشم سميت 6 جوابدارن خلاف گناھ نمبر 14 قلم 302، 109، 114، 341 ۽ 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. “پنهنجي اخبار” پاران رابطي ڪرڻ تي گھوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايچ او حميد رودناڻي چيو ته مقتول غلام رسول عرف نور خشڪ جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري گھربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.