اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي چيئرمين سينيٽ واري چونڊ تي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ اڄ اربع ڌينهن مقرر ڪري ڇڏي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪندي، واضح رهي ته چيف جسٽس اطهر من الله يوسف رضا گيلاني جي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ ٿيل پرزائيڊنگ آفيسر جي ڌانڌلي خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي، هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي هئي.