لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد جي حڪم تي ٻاهر موڪليو ويو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي ته”ڇاڪاڻ ته جنرل باجوه چيو هو ته عمران خان سان ذاتي طور تي ڳالهه ڪندو، ان ڪري اسان ان تي ان حد تائين بحث نه ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو فرح گوگي پرڏيهه وئي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي خبر هئي.