حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اڻڄاتل شخص ڏنڊا هڻي ٽريفڪ اهلڪار مظهر ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار ٽاور مارڪيٽ وٽ ڊيوٽي تي موجود هو ته پويان کان اڻڄاتل شخص ڏنڊا هنيا جنهن دوران هو زمين تي ڪريو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو. ايس ايچ او محمد خان برهماڻي جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ اهلڪار مارڪيٽ سيڪشن ۾ پنهنجي ڊيوٽي پئي ڪئي، جنهن دوران اڻڄاتل شخص کيس حملو ڪري قتل ڪيو آهي. ايس ايچ او موجب علائقي واسين جي نشاندهي تي اهلڪار تي حملو ڪندڙ پيرسن شخص کي تحويل ۾ وٺي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي پر سندس ذهني توازن درست نه آهي ان ڪري هو ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. سندس نالي ۽ رهائش جي تصديق لاءِ فنگر پرنٽس ڪرائي ڊيٽا نادرا ڏانهن اماڻي ويندي. مارڪيٽ پوليس فوتي اهلڪار مظهر ميراڻي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، جيڪي پنهنجي ڳوٺ مرڙاڻي ڦاٽڪ کڻائي ويا. اهلڪار جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. علائقي ۾ افواهه آهن ته گرفتار پيرسن ان کان اڳ به ٽاور مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شهرين تي حملا ڪيا هئا پر تنهن باوجود سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي هئي. سندس حملي ۾ اهلڪار حياتي وڃائي ڇڏي آهي.