ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي دنيا جي گدلن شهرن ۾ پهرئين نمبر تي اچي وئي. گندي هوا جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو. ڪالهه ڪراچي جو ايئرڪوالٽي انڊيڪس 494 رهيو، لاهور جي فضا به انتهائي خراب آهي، جيڪو 168 انڊيڪس سان اٺون نمبر گدلو شهر هو.