لاهور (بيورو رپورٽ) فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جَي خدشي سبب پنجاب حڪومت ۾ ٿرٿلو متل آهي، اڳواڻن ۾ رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، ڪالهه پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ وفاقي وزير شيخ رشيد وچ ۾ ملاقات ٿي، موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شيخ رشيد چيو ته گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، سياست ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون رهنديون آهن، عثمان بزدار چيو ته سياست ۾ برداشت ۽ ڀائيچاري جا حامي آهيون، وڏي وزير سياسي ٽيم سان مشاورت لاءِ اجلاس به طلب ڪري ورتو، پنجاب اسيمبلي جا 50 کان وڌيڪ ميمبر عثمان بزدار سان ملاقات ڪري چڪا آهن.