لاهور (بيورو رپورٽ) جهانگير ترين گروپ جو دٻاءُ ڪم ڪري ويو، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، جهانگير ترين جي ويجهي ساٿي راجا رياض دعويٰ ڪئي آهي ته سي ايم هائوس مان جهانگير ترين گروپ سان رابطو ٿيو آهي، عثمان بزدار سان جلد ملاقات جو امڪان آهي، جهانگير ترين گروپ پاران عثمان بزدار سان ملاقات لاءِ 6 رڪني وفد پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ صوبائي وزير اجمل چيمه، صوبائي وزير نعمان لنگڙيال، نذير چوهاڻ، عبدالحئي دستي شامل آهن، جڏهن ته گذريل ڏينهن جهانگير ترين، هم خيال گروپ جَي قيام کي پنجاب حڪومت جِي رد عمل جو نتيجو قرار ڏنو هو. جنهن بعد وزيراعليٰ پنجاب پاران ترين گروپ سان رابطو ڪيو ويو، ذريعن موجب ترين گروپ ۽ بزدار وچ ۾ اڄ ملاقات جو به امڪان آهي. ان کان اڳ پڻ هڪ ملاقات ٿي چڪي آهي. ذريعن موجب ترين گروپ جو پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر سعيد اڪبر اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو ۽ ترين خلاف انتقامي ڪارروائين کان به آگاهه ڪندو. هوڏانهن حڪومتي ذريعن موجب حڪومت ۽ جهانگير ترين گروپ وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ ترين گروپ وچ ۾ پهريون باضابطا رابطو ٿي ويو آهي، سينيئر وفاقي وزيرن جهانگير ترين سان رابطو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت ۽ جهانگير ترين وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن. ذريعن موجب جهانگير ترين گروپ بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو به واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هم خيال گروپ ميمبر بجيٽ ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين پنجاب حڪومت بابت خدشا وفاقي وزيرن سامهون رکيا ۽ مطالبو ڪيو ته اسان جي گروپ ميمبرن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي، جنهن تي جهانگير ترين کي خاطري ڪرائي وئي ته ان جا پنجاب حڪومت بابت اعتراض ختم ڪيا ويندا. ذريعن موجب حڪومت ۽ جهانگير ترين گروپ وچ ۾ اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي.