لاهور (م ڊ) نواز ليگ پنجاب جي صدر راڻا ناءُالله چيو آهي ته ترين گروپ نواز ليگ سان رابطو ڪندو ته ضرور جواب ڏينداسين، هن چيو ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ترين گروپ هاڻي ناهي ٺهيو اڳ ئي موجود هو اهو پي ٽي آءِ جو پريشر گروپ آهي. هن چيو ته نواز ليگ نٿي چاهي ته عثمان بزدار کي هٽائي پاڻ پاور ۾ اچي.