غير مناسب لباس ۾ والد اڳيان ايندڙ عامر خان جي ڌيءُ تي شديد تنقيد

0
328
غير مناسب لباس ۾ والد

ممبئي (شوبز نيوز) بولي ووڊ انڊسٽري جي پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڌيءُ ايرا خان تي نامناسب ڪپڙن ۾ سالگره ملهائڻ تي تنقيد ڪئي وئي آهي گڏوگڏ مداح عامر خان مٿان به تنقيد ڪري رهيا آهن

ايرا گذريل ڏينهن ۾ پنهنجي 25 هين سالگره هڪ پول ايريا ۾ ملهائي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصوير ۾ ايرا خان کي بڪني پهري ڪيڪ ڪٽيندي ڏسي سگهجي ٿو

جڏهن ته عامر خان بلڪل هن جي پٺيان بيٺل آهي. ريٽائرڊ هرٽ نالي ٽوئٽر هينڊل تصوير تي اعتراض ڪندي لکيو ته “ڪهڙي ڌيءُ پنهنجي پيءُ اڳيان بڪني پهري بيهندي آهي؟” ٻين واهپيدارن پاران به تنقيد ڪئي وئي