ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ناظم آباد  جي بلاڪ 2 ڊي ۾ غيرقانوني پورشنز ٺاهيندڙ بلڊر ۽ سنڌ  بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن خلاف الڳ الڳ  ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت چيو آهي ته بلڊنگ ڪنٽرول جو ڊي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجن آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرائي، جيڪڏهن ذميوار آفيسرن خلاف ڪيس داخل نه ٿيو ته ڊي جي پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيندو، عدالت ايس بي سي اي جي وڪيل کي تنبيهه ڪندي چيو ته غيرقانوني اڏاوت ۾ معاونت ڪندڙ پنهنجن آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪريو. مقامي شهري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پلاٽ نمبر 8/2 تي غيرقانوني اڏاوت جاري آهي