لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پ پ جي اميدوارن طرفان ضلعي ڪائونسل توڙي يوسيز ۽ جنرل سيٽن لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ يوسي رشيد وڳڻ جي پ پ اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته يوسي رشيد وڳڻ مان ضلعي ڪائونسل ميمبر شپ لاءِ حاجي عبدالغفار وڳڻ، عمير وڳڻ ۽ ڊاڪٽر سڪندر لاکو پاران فارم جمع ڪرايا ويا، ٻئي طرف چيئرمين شپ لاءِ الطاف حسين شيخ، وائيس چيئرمين لاءِ ذوالفقار علي گاڏھي جڏهن ته ساڳئي  يوسي تي چيئرمين لاءِ غلام مرتضي سامٽيو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ محمد عثمان ابڙو فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، هوڏانهن يوسي رشيد وڳڻ تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ جاويد علي ڪلهوڙو، غلام حيدر جماراڻي، علي نواز جماراڻي، غلام سرور سامٽيو، آصف علي عرف پرويز سامٽيو، عثمان ابڙو، غلام تقي سامٽيو، ذوالفقار علي وڳڻ، پرويز علي شيخ چيف مانيٽرنگ آفيسر وٽ فارم جمع ڪرايا، ان حوالي سان فارم جمع ڪرائيندڙ حاجي عبدالغفار وڳڻ، عمير وڳڻ، ڊاڪٽر سڪندر لاکو، الطاف حسين شيخ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پارٽي طرفان فارم جمع ڪرايا آهن پارٽي جنهن به اميدوار کي نامزد ڪندي اھو چونڊن ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻيندو، ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن ھميشه ھن ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي مڪاني چونڊن ۾ مخالفن کي عبرتناڪ شڪت ڏينداسين.