خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران يونيورسٽيءَ جي انٽرپرينئرشپ سوسائٽيءَ جي سهڪار سان ”برابريءَ جي سطح تي بئنڪنگ“ جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي چيو ته هن قسم جي سيمينارن سان يونيورسٽي جي شاگردن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ نوڪرين ۽ انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري ۽ ٻين سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ مستقبل جي ترقي ۽ سماجي شعور لاءِ ضروري آهي. تعليم جي کوٽ، مرداڻي سماج ۽ غربت سبب عورتون پنهنجي جائز حقن کان محروم آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي آفيسر روما چيو ته بئنڪنگ جو دارومدار برابري واري پاليسي تي آهي، اسٽيٽ بينڪ جو مقصد 2024ع تائين مالياتي شعبي ۾ عورتن جي شرح کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ آهي.