نئون ديرو (ن پ ا) خان بهادر احمد خان ميموريل لائبريري نئون ديرو ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف نوجوانن محمد علي کوکر، عاطف ڪوريجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته لائبريري جي سالياني ڏيڍ لک بجيٽ هجڻ باوجود پڙهندڙن لاءِ ڪي به سهولتون ميسر ناهن. لائبريري ۾ پڙهڻ جو ٽائيم رات 7 بجه تائين آهي، جيڪو وڌائي 9 بجه تائين ڪيو وڃي ته جيئن ڪميشن جي تياري ڪندڙ نوجوانن کي هٿي ملي سگهي. هنن چيو ته لائبريري ۾ ڪمپيوٽر آهن پر انهن کي هلائڻ جي سهولت ناهي، فقط هڪ ڪمپيوٽر هلايو ويندو آهي جيڪو لائبريري جو اسٽاف پاڻ هلائيندو آهي. هنن چيو ته ٻن مهينن کان بل ادا نه ٿيڻ ڪري انٽرنيٽ جي سهولت به بند ڪئي وئي آهي. لائبريري ۾ ريڊرس کي فقط 1 بجه منجهند تائين ڪتاب ڏنا وڃن ٿا، ان کانپوءِ ڪتاب به مهيا نٿا ڪيا وڃن. ريڊرس جي لاءِ ڪو به قائدو قانون مقرر ناهي ٿيل ڇنڇر تي لائبريري ريڊرس لاءِ کولي وڃي جيڪا بند ڪئي ويندي آهي. هوڏانهن لائبريرين محمد حسن ڪٽپر ٻڌايو ته لائبريري جي نيٽ ۽ ٽيليفون جو بل ٽريزري ۾ جمع ڪرايو آهي، جيئن ئي بجيٽ ايندي ته بل ڪليئر ٿي ويندو. اسٽاف ٻاهريون آهي ان ڪري ڪتاب 4 بجي تائين ڏيندا آهن. ٽرانسفارمر جي سهولت نه هجڻ ڪري اي سي يا هيٽر نه هلندا آهن. ٽرانسفارمر منظور ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي جيئن ئي ٽرانسفارمر ملندو ته سهولتون ڏينداسين. 6 ڪمپيوٽر آهن جن مان 6 ئي هلندڙ آهن.