سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ڳوٺ مراد علي پھوڙ مان رات دير سان ڳوٺاڻن ٻڪريون چوري ڪرڻ آيل ٻن چورن مان ھڪ چور کي پڪڙي ورتو، ڳوٺاڻن موجب چور وٽان پسٽل برآمد ٿيو آهي، جڏهن ته ٻيو چور فرار ٿي ويو، ڳوٺاڻن موجب پڪڙيل چور کي ھنڱورنو ٽائون ڪاميٽي جو ڪائونسلر اسان وٽان ڇڏائي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته پڪڙيل چور پنهنجو نالو سونو رند ٻڌايو، جيڪو ڳوٺ نھال رند جو رھواسي آھي، ڳوٺاڻن موجب چور ٻڌايو ته ساڻس گڏ آتڻا موري ڀرسان مولا بخش موڙ جو رھواسي غلام حسين شر به ھو جيڪو فرار ٿي ويو، ڳوٺاڻن پڪڙيل چور ڇڏڻ خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو.