ڊسڪه (ڊيسڪ رپورٽ) ڊسڪا جي قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب تي ردعمل ظاهر ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ووٽ کي عزت ڏياري سليڪٽڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته شابس ڊسڪا جي بهادر ۽ جرئتمند عوام، جو توهان اوهان ووٽ چورن کي شڪست ڏئي پوري دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته ڪيئن نه عوام جي ووٽ تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته جيڪي چون ٿا ته ن ليگ جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، اهي هي چونڊن جو نتيجو ڏسن، نواز شريف هڪ نظرئي جو نالو آهي، جيڪو عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو آهي. مسلم ليگ جي نائب صدر چيو ته ڊسڪا ۾ ڪاميابي سان نواز شريف جو بيانيو کٽي ويو، جڏهن ۾ شفاف چونڊ ٿيندي، ڪامياب ن ليگ ٿيندي. هن چيو ته حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، اُهي ڏينهن پري ناهن جو ملڪ تي عوام جي حڪومت قائم ٿيندي، جعلسازن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي. مريم چيو ته حڪمرانو ڏسو عوام ڇا چئي رهيو آهي، عوام کان توهان بچي نٿا سگهو، پنهنجي انجام کان ڊڄو.