کورواھ (ن پ ا) عوام دوست نمائندن جو مئنڊيٽ چوري ڪرڻ لاء اليڪشن ڪميشن طرفان بدنيتي جي بنياد تي ٻئي مرحلي  جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي پر زرداري مافيا مان نجات تائين اسان جي جدوجهد ۽ عوامي رابطه مهم ڀرپور نموني جاري رهندي اهڙو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پهنور سنڌ هائوس تي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اليڪشن کي باقي ٽي ڏينهن رهيا آهن اچانڪ اليڪشن ملتوي ڪرڻ سان اسان سمجهون ته اليڪشن ڪميشن جانبدار بڻيل آهي. اليڪشن ڪميشن سنڌ جو نمائندو ونگاري بڻيل آهي هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جڏهن به اليڪشن ڪرايو اسان مخالفن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ لاء تيار آهيون کين شڪست ڏئي سک جو ساھ کڻبو.