وارھ (ن پ ا) وارھ تعلقي جي مختلف شاخن ڪنئور، پنا،لنڊي تنيا مائينر ڪالري پنهوارو ۽ ٻين شاخن ۾ اڃا تائين زرعي پاڻي ناهي پهتو. جنهن سبب آبادگار سارين جو ٻيجارو به پوکي ناهن سگهيا پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن مختيار شاهنوازاڻي،محبوب تنيو،راحب تنيو ۽ ٻين پاران وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ آبپاشي وزير ڄام خان شورو  ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته ڳڙھي ريگيوليٽر کان نڪرندڙ تنيا مائينر سميت سمورين شاخن ۾ جلد پڇڙي تائين پاڻي پهچائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران موقف معلوم ڪرڻ لاء  انجنيئر آبپاشي وارھہ بئراج صالح سهتو کي فون ڪال ڪئي وئي جيڪا اٽينڊ نه ٿيڻ سبب سندس موقف سامهون نه اچي سگهيو .