ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽ بنگلو- چونڊڪو روڊ تي نامعلوم هٿياربندن ٽئڪسي ڊرائيور پورهيت کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪوٽ بنگلو- چونڊڪو روڊ تي 4 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽئڪسي ڊرائيور عبدالعزيز بگٽيءَ تي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڪوٽڏيجي اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏئي خيرپور منتقل ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.