مٽياري (رپورٽر) مٽياري پوليس پاران ٻن مختلف ڪاررواين ۾ وڏي تعداد ۾ چرس ۽ چوري ٿيل 3 هزار ڪروڊ ڊيزل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ذريعن موجب مٽياري ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران درگاهه پرڏيهه پير وٽ هڪ الٽو ڪار کي روڪي تلاشي ورتي وئي ته ان ۾ سيٽن جي پوئين حصن ۾ ڳجهي نموني سان چرس لڪيل هو، جنهن بعد ڪار سوار کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن سندس نالو احسان بروهي ڊيرا مراد ضلع تنبو بلوچستان واسي ظاهر ڪيو آهي ته اهو سمورو چرس آئون شهداد پور سپلائي لاءِ کڻي وڃي رهيو هيس جتي بسم الله خان کي ڏيڻو هو، جنهن مٿان مٽياري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب هٿ آيل چرس جي قيمت لکين رپيا آهي، هوڏانهن ساڳئي پوليس هڪ ٻئي ڪاراوئي جي دعوا ڪندي چيو آهي ته کيبر کان حيدرآباد آباد ويندڙ گاڏي کي روڪي تلاشي ورتي وئي جنهن مان پابندي پيل ڪروڊ ڊيزل تقريبن 3 هزار ليٽر مليو آهي، جنهن تي گرفتار جوابدار عبدالحامد ظاهر ڪيو آهي ته اسان پوري ملڪ مان لڳل پائيپ لائينن مان ڊيزل چوري ڪري مختلف هنڌن تي وڪرو ڪندا آهيون، جنهن پابندي پڻ آهي، پوليس ذريعن موجب مٽياري ٿاڻي اهو به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.